واشنگٽن-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽر??پ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نائب صدر ڪملا هيرس وچ ۾ پهرين مباحثي ۾ معيشت، اميگريش?? ۽ ??ڳوڻي صدر کي درپيش قانوني مونجهارن تي زبردست بحث ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽر??پ ۽ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس ۾ رياست پنسلوانيا ۾ پهريون صدارتي مباحثو ٿيو جيڪو 90 منٽن تائين جاري رهيو. ڪملا هيرس سخت تنقيد جو سلسلو جاري رکيو، جنهن ڊونلڊ ٽر??پ کي پريشاني جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ ظاهر ۾ مشتعل نظ?? ايندڙ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽر??پ جواب ۾ پنهنجي مخالف خل??ف ڪوڙ تي ٻڌل بيان ڏنا. ڊونلڊ ٽر??پ چيو ته سندس ريليون سڀ کان وڏيو?? ۽ ??ياست جي تاريخ جون سڀ کان غير معمولي ريليون آهن، ان موقعي تي ڪملا هيرس پنهنجي ڳالهه اهو چوندي شروع ڪئي ته ان کي چوندا آهن ته انتها. ڪملا هيرس هڪ پورن اسٽار کي پئسا ڏيڻ سميت ٻين ڪيسن تي ڊونلڊ ٽر??پ کي تنقيد جو نشانو بڻايو، ڊونلڊ ٽر??پ ڪنهن به ڏوهه جو مرتڪب ٿيڻ جي ترديد ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪملا هيرس ۽ ڊيموڪريٽس تي الزام لاڳو ڪيو ته هن ثبوتن کانسواءِ انهن خلاف سمورا ڪيس ٺاهيا، صدارتي اميدوارن وچ ۾ بحث جي شروعات معيشت بابت سوال تي ٿي ۽ اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن جي حوالي سان پولز ٽر??پ جي حق ۾ آهن. ڪملا هيرس ڊونلڊ ٽر??پ جي پرڏيهي شين تي وڌ کان وڌ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ارادي تي تنقيد ڪندي چيو ته ٽر??پ اسان جي لاءِ بدترين بيروزگاري ڇڏي. ڊونلڊ ٽر??پ، بائيڊن انتظاميه جي مدي دوران ناڻي واڌ ۾ مسلسل اضافي تي ڪملا هيرس کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان دوران هو مهانگائي جي شرح کي وڌائي پيش ڪندو رهيو. هن پنهنجي سر اميگريشن جي حوالي سان ڳالهائيندي بنا ثبوت جي هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪئي ته پرڏيهي ميسڪسيڪو سان گڏ آمريڪي ڏاکڻي سرحد پار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مهانگائي ماڻهن لاءِ، وچولي طبقي لاءِ، هر طبقي لاءِ تباهي بڻيل آهي. ڊونلڊ ٽر??پ ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته ڪملا هيرس ۽ ڊيموڪريٽس ٻارن جي قتل جي حمايت ڪن ٿا، جنهن تي ڪملا هيرس چيو ته جيئن ته مون چيو هو ته اوهان کي ڪوڙ تي ڪوڙ ٻڌڻ لاءِ ملندا، صدارتي اميدوارن غزه جنگ ۽ يوڪرين تي روسي حملي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيتوڻيڪ ٻنهي مان ڪنهن به واضح نه ڪيو ته اهو تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪيئن ڪوشش ڪندا. ڪملا هيرس ٽر??پ تي الزام لڳايو ته هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي حمايت لاءِ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت ختم ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽر??پ دعويٰ ڪئي ته ڪملا هيرس اسرائيل سان نفرت ڪري ٿي تنهن هوندي به ڪملا هيرس ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
صدارتي مباحثو: ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جا هڪٻئي تي الزام
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش