اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪس??ان نيوي وارشپ ٽينڪر فليٽ جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت جي لاءِ سڀاڻي جمعي تي ڪراچي جو دورو ڪن??و. اها تقريب ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ ٿيندي. 17 هزار ٽن وزني فليٽ ٽينڪر دفاعي پيداوار واري وزارت ۽ پاڪ بحريه تحت ترڪيءَ جي ميسرز ايس ٽي ايم جي حصيداري سان تعمير ڪئي وئي آهي، پاڪس??ان نيوي فليٽ ٽينڪر پاڪ بحريه جي لاجسٽڪ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب اها فليٽ ٽينڪر برادر ترڪيءَ سان وسيع تر تعاون ۽ پاڻڀرائپ جي حوالي سان پاڪس??ان جي ڪوششن جو هڪ اهم مثال آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس