ماسڪو-16 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جو صدر پيز شڪيان روس ۾ منعقد ٿيندڙ برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس ايران جي سف??ر ڪاظم جلالي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته ايران جي صدر مسعود ??يز شڪيان روس ۾ ٿيندڙ برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار تي اولهه کي ڳڻتي آهي . ايران جي سف??ر ڪاظم جلالي تصديق ڪئي ته ايران جي صدر اڀرندڙ معيشتن جي تنظيم برڪس گروپ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. جيڪو 22 کان 24 آڪٽوبر تائين روس جي شهر قاز ۾ منعقد ٿيندو. هن چيو ته ايران جو صدر پنهنجي روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن سان ملاقات پڻ ڪندو. هن چيو ته ايران – روس ٻه طرفي گڏيل سهڪار جي معاهدي تي صحيحيون ڪرڻ وارا آهن.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔