بيونس آئرس-17 آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي گلوڪار ۽ ناليوارو بينڊ ون ڊائريڪشن جو اڳوڻو ميمبر 31 سالن جو ليام پيني ارجنٽائن جي گادي واري شهر بيونس آئرس ۾ هوٽل جي ٽئين منزل تان ??ري فوت ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ليام پيني جو لاش ان وق?? مليو جڏهن ايمرجنسي سروس کي هوٽل ويجهو هيلپ لائين تان ڪال آئي. بيونس آئرس پوليس موجب ايمرجنسي ڪال کانپوءِ جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته گلوڪار جو لاش پيل هو، پوليس معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ??ري ڇڏي آهي. ايمرجنسي ميڊيڪل سروس موجب ليام پيني کي تمام گهڻا ڌڪ لڳل آهن، سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. برطانيه جي پرڏيهي کاتي تصديق ڪئي آهي ته ارجنٽائن س??ن برطانوي گلوڪار جي فوتگي جي حوالي سان رابطي ۾ آهيون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ