گڏيل ??ومون – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابندين جي خاتمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نائب نمائندي عثمان جدون گڏيل ??ومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي شين جي کوٽ، بدترين معاشي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ غير نتيجي جوڳي ۽ گڏيل ??ومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي مقصدن ۽ اصولن سان هڪ جهڙائي نٿيون رکن. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جي خاتمي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتو. جنرل اسيمبلي ۾ ٿيل ??وٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 187 و??ٽ وڌا ويا جڏهن ته رڳو ٻن ملڪن آمريڪا ?? اسرائيل ??هراءَ جي مخالفت ڪئي ۽ هڪ ملڪ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي عثمان جدون چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي پنهنجن وسيلن خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جهڙا قدم پائيدار ترقي بابت 2030ع جي ايجنڊا ۾ شامل اسان جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نقصانڪار آهن ?? اسان سمجهون ٿا ته پابندي جو خاتمو ڪيوبا جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ڏ??نه?? هڪ اهم قدم هوندو.
پاڪستان طرفان ڪيوبا خلاف آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : پاور بال