تهران – 03 ڊسمبر (اي پي پي )ايران چيو آهي ت?? خطي جي بدلجندڙ صورتحال سبب اسان جا فوجي شام ۾ موجود رهندا. پرڏيهي ميڊيا موجب شام ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال ۽ حلب تي هٿيار بندن جي اوچتي حملي سبب ايران شام جي حڪومت جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزير جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته شام جي درخواست تي ايراني فوجي جي دمشق ۾ موجودگي برقرار رهندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ت?? شام ۽ خطي ۾ عدم تحفظ جو سڀ کان وڏو فائدو اسرائيل کي آهي. سندس چوڻ هيو ته ائين ڪري سگهجي ٿو ته لبنان ۾ جنگ بندي جي اعلان کان پوءِ دهشتگرد گروهن جو ٻيهر گڏ ٿ??ڻ اتفاق يا حادثو آهي، جيڪڏهن اسان 2011ع ۽ 2012ع کانپوءِ شام ۾ دهشت گردي جي اڀرڻ جي تاريخ تي نظر وجهون ?? ان جي ۽ اسرائيل وچ ۾ شڪي لاڳاپ?? کي ڏسون ته اسان انهن واقع?? کي اتفاق نٿا سمجهي سگهون.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج