اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس سيف 16 کان 21 نومبر تائين پٽايا (ٿائيلنڊ) جو دورو ڪي?? ۽ رائل ٿائي نيوي پاران آسيان جي 50 هين سالگرهه ۽ انٽرنيشنل فليٽ ريويو ۾ شرڪت ڪئي. فليٽ آفيسر سي ٽريننگ ريئر ??يڊمرل ذڪاءُ الرحمان ان تقريب دوران پاڪ بحريه جي سربراهه جي نمائندگي ڪئي. پٽايا ۾ رهڻ دوران فليگ آفيسر سي ٽريننگ رائل ٿائي نيوي جي سينيئر نيول عهديدارن ۽ ٻين شخصيتن سان ملاقاتون ڪي??ن جن ۾ رائل ٿائي نيوي جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ايڊمرل ليوچي روڊٽ، ٿائيلينڊ جو دفاع وا??و وزير جنرل پروت وانگسووان ۽ ملائيشيا جي بحريه جو سربراهه ايڊمرل تاون سري احمد قمرالزمان بن حاجي احمد بدرالدين شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا